روڊ حادثي ۾ گهوٽ فوت ، خوشيون ماتم ۾ تبديل

ڪرونڊي (علي حبيب رتڙ)مهراڻ قومي شاهراھ تي تيز رفتار لوڊر رڪشه ۾ لوئي ڦاسڻ سبب ڪورڪي مال پڙيءَ تي ويندڙ ڳوٺ بالم آباد واسي 20 ورهين جو نوجوان رميش ڪمار پٽ گلاب ماڙيچو مڻڪو ڀڄڻ سبب ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. ياد رهي ته فوتي نوجوان جي هفتي بعد شادي رٿيل هئي نوجوان جو مڙھ گهر پهچڻ تي خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون پيرسن والدين کي بيهوشيءَ جا دورا پئجي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو