روڊ حادثي ۾ نوجوان ۽ هڪ عورت  فوت

روڊ حادثي ۾ نوجوان ۽ هڪ عورت فوت

ڪنب،نوشهروفيروز (ن س)گذريل ڏينهن شام جو ڪنب ڀرسان فقيرآباد ويجهو موٽرسائيڪل تان ڪري زخمي ٿيندڙ ڳوٺ لهڻو خان کوکر واسي 17سالا نوجوان سيد دلبر شاه ولد حضرت شاه جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾  لاڙڪاڻه اسپتال کان ڪراچي ريفر ڪيو ويو هو جتي ڪراچي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو فوتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.نوشهرو فيروز ڦل لنڪ روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 45 ساله عورت هير چانڊيو فوت تي وئي آهي عورت جو لاش سول اسپتال مان قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش ڳوٺ بهرام چانڊيو پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو