لاهور: (ويب ڊيسڪ) 9 مئي کان روپوش پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد جا ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ پارٽي قيادت سان رابطن جو انڪشاف ٿيو آهي.پارٽي ذريعن موجب مراد سعيد روپوشي جي باوجود ڪي پي ڪي حڪومت ۽ پارٽي جا اهم فيصلا ڪندڙن ۾ شامل آهي، وڏي وزير علي امين گنڊاپور سميت ٻيا ڪيترائي اڳواڻ مراد سعيد سان رابطي ۾ آهن.پارٽي ذريعن وڌيڪ چيو آهي ته روپوش مراد سعيد عاطف خان ۽ شڪيل خان کي عهدن تان هٽائڻ جي تحريڪ شروع ڪئي، هن علي امين گنڊاپور کي شڪيل خان جي معاملن تي سخت رد عمل ڏيڻ تي راضي ڪيو.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه ۽ پارلياماني پارٽي ۾ اختلافن جي پٺيان به مراد سعيد جو ڪردار آهي، مراد سعيد مخالف گروپ جي اڳواڻ جي باني سان ملاقات ڪرائڻ تي مشال يوسفزئي کي عهدي تان هٽايو ويو.










