روشن خيال سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ گڏجي تبديلي آڻيندا، ٻرڙو

ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنهوار) سينٽرل جيل ڪراچي ۾ قيد سيد زين شاھ سان ايس يو پي جي مرڪزي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ روشن علي ٻرڙو، اعجاز سامٽيو ،جڳديش آهوجا ،امير علي ٿيٻو ،غلام مصطفي چانڊيو ۽ پروفيسر انعام ڀٽي شامل هئا.ايس يو پي جي مرڪزي وفد ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سنڌ حڪومت جيڪي ڪوڙا ڪيس ۽ بيهوده الزام هڻي مٿس ايف آئي آر داخل ڪرايون آهن انهن جو عدالتي محاذ تي ڀرپور مقابلو ڪبو ۽ اسان پر اميد آهيون ته عدالتون اسان کي ضرور انصاف مهيا ڪنديون. هاڻي اهو سنڌ جي عوام ۽ عدالتون فيصلو ڪن ته سيد زين شاھ دھشتگرد آهي يا ملڪ رياض ۽ آصف زرداري.. روشن ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته جيل اندر ويهي انصاف جي حاصلات لاءِ قيد ڪاٽڻ ۽ پهنجي ڌرتي ۽ ان جا وسيلا بچائڻ هڪ اتساھ ڏيندڙ جذبو آهي، سنڌ جي قومي تحريڪ کي سيد زين شاھ جي ڏنل قرباني سان نئين طاقت ملندي ۽ پرامن سياست جا نوان رستا کلندا. هنن وڌيڪ چيو ته هاڻي سنڌ تبديل ٿي رهي آهي هينئر سنڌ جي قومي تحريڪ سان گڏ سنڌ جا غيرتمند وڪيل پڻ جدوجهد ۾ شامل آهن. پر سڀ کان وڌيڪ اها ڳالھ اتساھ ڏيندڙ آهي ته سنڌ جي نوجوان وڪيلن سان گڏ اردو ڳالهائيندڙ ناليوارا قانون دان پڻ سنڌ جو گڏيل آواز بڻجي رهيا آهن ۽ اها اميد ٿا ڪريون ته مستقبل ۾ سنڌ جي شهرن ۾ اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ باشعور ماڻهو سنڌ جي ترقيءَ ۽ تبديليءَ لاءِ گڏيل جدوجهد ذريعي سنڌ جي قومي حقن جو تحفظ ڪندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو