لاهور(ويب ڊيسڪ)روس کان سستو خام تيل خريد ڪرڻ جي معاملي تي پاڪستاني وفد ماسڪو روانو ٿي ويو.ذريعن موجب پاڪستاني وفد پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ جي سربراهي ۾ لاهور ايئرپورٽ روانو ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري پيٽروليم محمد محمود ۽ ٻيا عملدار به شامل هئا.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پاڪستان اسٽريم گيس پائيپ لائين تي جلد ڪم شروع ڪرڻ بابت به ڳالهيون ٿينديون.
