ماسڪو(ويب ڊيسڪ) سوويت يونين جي دور ۾ نيوي لاءِ شروع ڪيل ميزائيل کڻي ويندڙ سامونڊي جهاز وارو منصوبو روس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. 1986 ۾ هي جهاز ٺاهڻ جو ڪم شروع ٿيو جيڪو بعد ۾ سوويت يونين جي خاتمي سبب بند ڪيو ويو ۽ ڪيترن ڏهاڪن تائين هن منصوبي تي ڪم نه ٿيو. ايم ڊي 160 جي نالي سان مشهور هي سامونڊي جهاز تيز رفتار اينٽي شپ ميزائيل ڪرافٽ هو. نيوي جي ڪيمپ مان هي جهاز داغستان جي ڪناري پهچايو ويو آهي جيڪو عام پبلڪ لاءِ کوليوويندو. روس جي نيم خودمختار علائقي داغستان جي شهر ڊربينٽ جي پيٽرياٽ پارڪ ۾ رکيو ويندو.










