ماسڪو(ويب ڊيسڪ)روسي صدر ولاديمير پوتن يوڪرين جي ڊونباس واري علائقي ۾ “فوجي آپريشن” جو اعلان ڪيو آهي. جنهن بعد روسي فوج يوڪرين تي حملو ڪيو آهي. روسي صدر اوڀريوڪرين ۾ يوڪرين جي سپاهين تي زور ڏنو ته هو هٿيار ڦٽا ڪري پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي وڃن. روسي فوج ڏکڻ، اتر ۽ اوڀر پاسن کان يوڪرين ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ڪيترا فوجي مارجڻ، هوائي اڏن تي حملن، بمباري جا اطلاع آهن. يوڪرين جي صدر ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي شهرين کي گهرن ۾ رهڻ لاءِ چيو آهي. يورپي يونين چيو آهي ته روس يورپ ۾ وري جنگ کي ڌڪيو آهي، نيٽو هنگامي اجلاس طلب ڪيو آهي، اقوام متحده فور جنگبندي جي اپيل ڪندي روسي اڳرائي جي مذمت ڪئي آهي، آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته روس تي معاشي پابندين لاڳو ڪيون آهن، اتحادين سان ملي ڀرپور گڏيل جواب ڏنو ويندو. روس جي يوڪرين تي حملي بعد خام تيل جي قيمت عالمي منڊي ۾ 103 ڊالر بيرل ٿي وئي آهي، سون ۽ کاڌي پيتي جي شين ۾ به واڌ ٿي وئي آهي.

پوتن خبردار ڪيو آهي ته ماسڪو جو جواب ”فوري“ هوندو جيڪڏهن ڪنهن به ٻئي ملڪ مداخلت ڪئي ته ان کي فوري جواب ڏنو ويندو. يوڪرين جي پرڏيهي وزير روس تي مڪمل پيماني تي جنگ شروع ڪرڻ جو الزام لڳايو، ۽ اقوام متحده تي زور ڀريو آهي ته حملو روڪڻ لاءِ “هر ممڪن ڪوشش” ڪئي وڃي. آمريڪي صدر جو بائيڊن واعدو ڪيو هو ته دنيا روس جو احتساب ڪندي، وڏي جاني نقصان جي اڳڪٿي ڪندي بائيڊن خميس تي آمريڪن کي خطاب ڪندو نتيجن بابت هن جو چوڻ آهي ته روس کي منهن ڏيڻو پوندو.30 ملڪن جي فوجي اتحاد نيٽو جي سربراهه جينس اسٽولٽنبرگ جو چوڻ آهي ته هو هن خوفناڪ وقت ۾ يوڪرين سان گڏ بيٺو آهي، ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪندو جيڪو سڀني اتحادين جي دفاع لاءِ ضروري هوندو. يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي اڳ ۾ چيو هو ته يوڪرين تي حملو “يورپي کنڊ ۾ وڏي جنگ جي شروعات ٿي سگهي ٿي”. رات دير سان قوم کي خطاب ۾، هن واعدو ڪيو هو ته حملي جي صورت ۾ ”اسان پنهنجو دفاع ڪنداسين“. يوڪرين تي خميس ڏينهن اڌ رات يعني مقامي وقت موجب 3 وڳي (22:00 GMT) تي بيلا روس کان ملندڙ سرحد تي بارڊر فورسز تي حملو شروع ڪيو آهي. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان جي روس پهچڻ شرط يوڪرين تي حملو ڪيو ويو آهي، عمران خان حملو روڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. يوڪرين جو چوڻ آهي ته روس ميزائيل حملن سان گڏوگڏ فضائي حملا به ڪيا آهن، مختلف شهرن جي ايئرپورٽس تي حملا ڪيا آهن، گادي واري شهر ڪيو مان وڏي پيماني تي شهري محفوظ علائقن ڏانهن نڪري ويا آهن، ڪيترن ٻارن ۽ عورتن زير زمين مورچن ۾ پناهه ورتي آهي ۽ ۽ محفوظ مورچا ڀرجي ويا آهن، يوڪرين عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو روس تي پابنديون مڙهين، يوڪرين کي هٿيار، خوراڪ ۽ مالي مدد فراهم ڪن، اسين روسي فوج سان وڙهنداسين.










