ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سوئيڊن جي سامونڊي ڪناري تي هڪ سفيد بيلوگا وهيل مڇي ڏٺي وئي هئي، جنهن باري ۾ چيو پيو ويو ته اها روسي نيوي جي جاسوس طور تربيت يافته آهي. طرفان جاسوس طور تربيت ڪئي وئي هئي. ’اي ايف پي‘ جي رپورٽ موجب هن وهيل کي پهريون ڀيرو ناروي جي اترئين علائقي فن مارڪ ۾ ڏٺو ويو هو، اها مڇي ٽن سالن کان ناروي جي سمنڊ ۾ گهمي ڦري رهي آهي. ون وهيل تنظيم جيڪا هن مڇي جي ٽريڪنگ ڪندي آهي، تنهن جو چوڻ آهي ته گذريل آچر تي هي جاسوس مڇي سوئيڊن جي ڏکڻ اولهه واري سامونڊي ڪناري هينوبوسٽ رينڊ علائقي جي پاڻي ۾ ظاهر ٿي هئي.










