روسو جي شاندار بيٽنگ،پشاور کي ملتان هٿان شڪست

روسو جي شاندار بيٽنگ،پشاور کي ملتان هٿان شڪست

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي هڪ ٻي ميچ ۾ وڏو ٽارگيٽ چيز ٿي ويو، پشاور زلمي طرفان 242 رنسن جي جواب ۾ ملتان سلطانز 6 وڪيٽن جي نقصان تي 4 بال اڳ ڪاميابي ماڻي ورتي.راولپنڊي ۾ پشاور زلمي ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 242 رنسون ٺاهيون.پشاور جي ڪپتان بابر اعظم 73، صائم ايوب 58، ٽام ڪلور 38، محمد حارث 35 رنسون ٺاهيون.جواب ۾ ملتان سلطانز جي رائلي روسو پشاور جي بالرن کي بي وس ڪري ڇڏيو ۽ 51 بالن تي 121 رنسن جي زبردست اننگز پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.ملتان طرفان ڪيرون پولارڊ 52، انور علي 24، خوشدل شاهه 18، اسامه مير 10 رنسون ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو