روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ اولين ترجيح آهي،عاصم باجوه

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين عاصم سليم باجوه چيو آهي ته سي پيڪ منصوبن جي تحت نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.سماجي رابطي جي ويب سائٽ   ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾  سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين عاصم سليم باجوه چيو آهي ته سي پيڪ منصوبن جي تحت نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.عاصم سليم باجوه چيو ته سي پيڪ جي نئين اڪنامڪ زونز جي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ کي اپ گريڊ ڪيو ويندو. گوادر ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ .اڪنامڪ زون ۾ نئين صنعت جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ نوان موقعا به سامهون آيا آهن

پهنجو تبصرو موڪليو