لنڊن (ويب ڊيسڪ)ڪرونا جي وبا جيڪا سڄي دنيا ۾ انساني زندگيءَ لاءِ سنگين خطرو بڻيل آهي، اهو ظاهر ڪيو آهي ته روزو (خاص طور تي بکيو يا کاڌي پيتي کان پاسو ڪرڻ) ان مرض جي خلاف تمام ڪارآمد ۽ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب محققن جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو گهڻو پاڻي پيئندا آهن ۽ اڪثر روزا رکندا آهن (ڪنهن خاص وقت تائين کائڻ پيئڻ بند ڪندا آهن) انهن ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان گهٽ هوندا آهن. ريسرچ موجب ڪورونا ۾ مبتلا 250 مان 73 ماڻهو ان مرض ۾ مبتلا نه هئا، جڏهن ته ڪورونا ۾ مبتلا 73 ماڻهو مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو هڪ مخصوص وقت تائين بکيا پيا يا رڳو پاڻي استعمال ڪندا هئا. محققن جو چوڻ آهي ته اهڙن ماڻهن کي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ يا ڪورونا سبب موت جو خطرو گهٽ هوندو آهي.










