رهبر ڪاميٽي پاران حاصل بزنجو سينيٽ چيئرمين لاءِ نامزد

رهبر ڪاميٽي پاران حاصل بزنجو سينيٽ چيئرمين لاءِ نامزد

اسلام آباد (اياز مهر) اپويشن جي رهبر ڪميٽي نيشنل پارٽي جي صدر حاصل بزنجو کي سينيٽ چيئرمين لاءِ پنهنجو گڏيل اُميدوار نامزد ڪري ڇڏيو. رهبرڪاميٽي جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس دوران ڪنوينر اڪرم خان دُراني سندس نالي جو اعلان ڪيو. رهبر ڪميٽي جي اڳواڻن چيو ته رڪيوزيشن جمع ٿيڻ کانپوءِ سينٽ جو اجلاس 14 ڏينهن اندر گهرائڻ لازمي آهي، ڪنهن کي به آئين ۽ جمهوريت سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين. اپوزيشن جماعتون بزنجو کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ٻين جماعتن کان ووٽ به گهرنديون، جڏهن ته رهبر ڪاميٽي جي ميمبرز جو چوڻ آهي ته وفاقي سرڪار وٽ نمبر پورا ناهن ان ڪري هو ٽال مٽول ڪري پئي. پريس ڪانفرنس دوران شاهد خاقان عباسي، نيئر بخاري، ميان افتخار ۽ ٻيا ميمبرز موجود هئا، هو صحافين جي سوالن کان لنوائي پنهنجو اعلان ڪري هليا ويا. ياد رهي ته 104 ميمبرن جي سينيٽ جي ايوان ۾ حڪومت اقليت ۾ ۽ اپوزيشن اڪثريت ۾ آهي. اپوزيشن کي گهربل 53 ووٽن جي ڀيٽ ۾ 60 کان مٿي ووٽ ملن جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو