رنگين هولي جون تقريبون،مذهبي عقيدت جو اظهار

رنگين هولي جون تقريبون،مذهبي عقيدت جو اظهار

حيدرآباد: (ن س) حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ هندو برادري پاران هولي جو قديم تهوار جوش ۽ مذهبي عقيدت سان ملهايو ويو.هندو برادري شهر جي مختلف هنڌن تي رنگين هولي جون تقريبون پڻ منعقد ڪيون، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ شهري شرڪت ڪئي.تهوار جي موقعي تي شهرين جي وڏي انگ هڪ ٻئي تي رنگ لڳائي خوشي جو اظهار ڪيو. ٻارن، نوجوانن ۽ بزرگن هولي جي موقعي تي رنگن سان کيڏي خوشيون ورهايون.شهر جي مختلف مندرن ۾ خاص پوجا پاٽ ۽ دعا جون تقريبون پڻ منعقد ڪيون ويون، گهرن ۽ ڪميونٽي هالن ۾ روايتي مٺايون ورهايون ويون، جڏهن ته برادري جي ميمبرن هڪ ٻئي کي مبارڪباد ڏني.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو