رنوير سنگهه کان طلاق بابت دپيڪا جي ترديد

رنوير سنگهه کان طلاق بابت دپيڪا جي ترديد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا دپيڪا پڊوڪون مڙس اداڪار رنوير سنگهه کان طلاق جي خبر تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي. ڪالهه، دپيڪا پڊڪون برطانوي شاهي خاندان جي ننڍي ننهن ۽ آمريڪي اداڪارا ميگهن مارڪل جي پوڊ ڪاسٽ ۾ بطور مهمان شرڪت دوران هن پنهنجي ذاتي زندگي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. اداڪارا جو چوڻ هو ته رنوير سنگهه هڪ هفتي کان ميوزڪ فيسٽيول ۾ مصروف هو ۽ اڄ واپس آيو آهي، مون سان ملي، منهنجو چهرو ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيندو. دپيڪا انهن سڀني افواهن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته اسان ٻنهي جي وچ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ۽ اسان گڏ آهيون. واضح رهي ته دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه 14 نومبر 2018ع تي شادي ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو