رمضان ۾ بئنڪن جو شيڊيول جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان رمضان المبارڪ لاءِ آفيس جا ڪلاڪ جاري ڪري ڇڏيا.مرڪزي رويت هلال ڪميٽي پاڪستان ۾ 23 مارچ خميس کان رمضان المبارڪ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ اسٽيٽ بئنڪ بئنڪن جا ڪم جا ڪلاڪ جاري ڪري ڇڏيا آهن.سينٽرل بئنڪ طرفان شهرين کي رمضان المبارڪ جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي مبارڪباد ڏيندي آفيس جي اوقات بابت آگاهي ڏني. اسٽيٽ بئنڪ طرفان ٻڌايو ويو آهي ته رمضان المبارڪ دوران سومر کان خميس تائين صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين بئنڪون عوام جي ٽرانزيڪشن لاءِ کليل هونديون.مرڪزي بئنڪ موجب جمعي جي ڏينهن بئنڪون صبح 8 وڳي کان منجهند 1 وڳي تائين کليل هونديون.

پهنجو تبصرو موڪليو