رمضان دوران عدالتي ڪم ڪار جو ٽائيم شيڊيول جاري

رمضان دوران عدالتي ڪم ڪار جو ٽائيم شيڊيول جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ رمضان المبارڪ لاءِ عدالتي ڪم جا ڪلاڪ جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب، عدالتون سومر کان خميس تائين صبح 8:30 کان منجهند 1:30 وڳي تائين ڪم ڪنديون، سومر کان خميس تائين ڪم جي ڪلاڪن ۾ اڌ ڪلاڪ جو وقفو شامل هوندو.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته جمعي ڏينهن عدالتي ڪارروائي صبح 8:30 کان 11:30 وڳي تائين بغير ڪنهن وقفي جي ٿيندي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سيشن ڪورٽن جا ڪم جا ڪلاڪ پڻ صبح 8:30 کان منجهند 1:30 وڳي تائين مقرر ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو