رمضان جي پهرئين هفتي ۾ 18 شيون مهانگيون، شرح ۾ مسلسل واڌ

رمضان جي پهرئين هفتي ۾ 18 شيون مهانگيون، شرح ۾ مسلسل واڌ

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ رمضان المبارڪ جي پهرئين هفتي دوران مهانگائي ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. ڳڻپ کاتي جي رپورٽ موجب رمضان المبارڪ جي پهرئين هفتي دوران مهانگائي ۾ 1.35 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ موجب گذريل هفتي 18 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، ڪيلا 22 سيڪڙو، ٽماٽا 22 سيڪڙو ۽ بيضا 7 سيڪڙو کان وڌيڪ مهانگا ٿيا. ڳڻپ کاتي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته بصر جو اگهه 6 سيڪڙو وڌيو، جڏهن ته ٿوم، ٻاڪرو گوشت، ڳائو گوشت ۽ ڪڪڙ جو گوشت به مهانگو ٿيو. رپورٽ موجب مهانگائي جي سالياني شرح 32.89 سيڪڙو تائين پهچي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ سال ۾ ٿوم جي قيمت 60 سيڪڙو تائين وڌي، ٽماٽو 185 سيڪڙو، بصر 90 سيڪڙو، ڳڙ 41 سيڪڙو، کنڊ 37 سيڪڙو تائين مهانگي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو