رمضان المبارڪ جي اچڻ کان اڳ ئي منافعي خور ميدان ۾ اچي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)رمضان المبارڪ جي آمد کان اڳ ئي منافعي خور ميدان ۾ اچي ويا آهن، مارڪيٽن ۾ ڀاڄين، ميون ۽ ضروري شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن.ڪراچي جي مارڪيٽن ۾ کجور ساڍا پنج سئو رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن، جڏهن ته بصر جيڪو اڳ 50 رپيا في ڪلو ملندو هو، هاڻي مارڪيٽن ۾ 150 رپين تائين وڪرو ٿي رهيو آهي.شهرين جو چوڻ آهي ته ٻين ملڪن ۾ رمضان المبارڪ جي آمد کان اڳ ئي کاڌي پيتي ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي آهي پر پاڪستان ۾ حڪومت طرفان اهڙا قدم نه کنيا پيا وڃن.شهرين جو چوڻ آهي ته ٻه وقت جي ماني ملڻ مشڪل آهي، پوءِ مهانگو ميوو ۽ ڀاڄيون ڪٿان آڻيون جڏهن ميز تان گوشت غائب ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو