رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ ڪميٽي جو اجلاس طلب

رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ ڪميٽي جو اجلاس طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) رمضان المبارڪ 1447هه جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي(اربع) تي پشاور ۾ طلب ڪيو ويو آهي.اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد ڪندو جڏهن ته ٻين زونل ۽ ضلعي هلال ڪميٽين جا اجلاس پنهنجن پنهنجن لاڳاپيل هنڌن تي ٿيندا. چنڊ جي رويت جي حوالي سان اعلان مرڪزي رويت هلال ڪميٽي سموري ملڪ مان ملندڙ شهادتن کي آڏو رکندي ڪندي.ياد رهي ته پاڪستان جي قومي خلائي اداري اسپيس اينڊ اپرايٽموسفيئر ريسرچ ڪميشن(سپارڪو) رمضان المبارڪ جي چنڊ بابت ڪيل اڳڪٿي موجب چنڊ 18 فيبروري جي شام انساني اک سان ڏسڻ جو امڪان آهي جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ پهريون روزو 19 فيبروري تي ٿيڻ جو امڪان آهي.ترجمان موجب رمضان المبارڪ جو نئون چنڊ 17 فيبروري جي شام 5 لڳي هڪ منٽ تي پيدا ٿيندو جڏهن ته 18 فيبروري تي سج لهڻ وقت چنڊ جي عمر تقريبن 25 ڪلاڪ ۽ 48 منٽن جي هوندي جنهن کي انساني اک سان به ڏسي سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو