ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته رمضان المبارڪ جو چنڊ 22 مارچ تي نظر اچڻ جا ڊگها امڪان آهن. موسميات کاتي ڪلائمنٽ ڊيٽا پروسيسنگ سينٽر رمضان المبارڪ جي چنڊ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. رمضان المبارڪ جو چنڊ 22 مارچ تي نظر اچڻ جا چٽا امڪان آهن. ميٽ آفيس موجب رمضان المبارڪ جي چنڊ جي پيدائش 21 مارچ جي رات 10 لڳي 23 منٽن تي ٿيندي. ان لاءِ 22 مارچ تي مغرب وقت چنڊ جي عمر 20 ڪلاڪ کان وڌيڪ هوندي.موسميات کاتي موجب رمضان المبارڪ جو چنڊ 22 مارچ تي نظر ايندو ۽ 23 مارچ تي پهريون روزو ٿيندو. ميٽ آفيس وڌيڪ ٻڌايو آهي ته چنڊ ڏسڻ دوران ڪراچي ۾ ڪٿي موسم صاف ۽ ڪٿي جهڙالو رهڻ جو امڪان آهي.










