ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ فيڊرل بي ايريا ۾ مسجد ۽ ڪميونٽي سينٽر واري هنڌ تي غيرقانوني اڏاوت بابت توهين عدالت جي درخواست تي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو درخوست گذار جي وڪيل عثمان فاروق ايڊووڪيٽ موقف ڏنو ته عدالت ايف بي ايريا بلاڪ 7 ۾ 2013 ۽ 2021 ۾ اسلاميه مسجد ۽ ڪميونٽي سينٽر واري هنڌ تي غيرقانوني اڏاوت روڪڻ جو حڪم ڏنو هو منع نامي باجود رفاعي پلاٽ تي غيرقانوني اڏاوت ڏينهن رات ٿي رهي آهي ايڊمنسٽريٽر سيف الرحمان ۽ ٻين جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي حڪمن جي باوجود غيرقانوني اڏاوت نه روڪڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو عدالت ايڊمنسٽريٽر ۽ ٻين کي توهين عدالت جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو عدالت ڌرين کان 10 جون تي جواب گهري ورتو عدالت ايڊمنسٽريٽر کان رفاعي پلاٽ تي غيرقانوني اڏاوت نه روڪڻ تي وضاحب به گهري ورتي.










