رضوان ٽرينر کان ڪن پڪڙي معافي ڇو ورتي؟

رضوان ٽرينر کان ڪن پڪڙي معافي ڇو ورتي؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽر محمد رضوان کي ٽرينر کي مٿي تي ڌڪ هڻڻ تي سڀني جي سامهون پنهنجا ڪن رکڻا پيا، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ رضوان کي کلندو ۽ ٽرينر جي سامهون ڪنڌ جهڪائي ۽ پوءِ کيس ڀاڪر پائيندي ڏسي سگهجي ٿو. ٿيو اهو ته ٽريننگ سيشن دوران رضوان ڇڪا هڻي رهيو هو ته سندس هڪ بال بائونڊري تي بيٺل ٽرينر جي مٿي تي لڳو. بال ايترو تيزيءَ سان لڳو جو ٽرينر مٿو پڪڙي ويهي رهيو، جنهن تي رضوان بيٽنگ ڇڏي ٽرينر ڏانهن ڊوڙيو ۽ ٽرينر کي ڳلي لڳائي معافي ورتي، هن ڪن پڪڙي کلندي معافي ورتي ته ٽرينر کيس معاف ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته ايشيا ڪپ 27 آگسٽ کان شروع ٿيندو، جنهن ۾ پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ 28 آگسٽ تي روايتي حريف ڀارت خلاف کيڏندو.

پهنجو تبصرو موڪليو