دادلغاري (رپورٽ نديم مھر ) نرلي مائنر کي ايريگيشن عملي پاران آرڊي 52 وٽان بند ڪري شاهه مائنر ۾ واڌو پاڻي ڇوڙ ڪري چڏيو،شاه مائنر ۾ واڌو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب آرڊي 10 وٽان شاه مائنر کي 20 فٽ گهارو،30 ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ،لکين روپين جو نقصان،اطلاع تي ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن پهچي پنهجي مدد پاڻ تحت مشين گهرائي گهارو بند ڪري ورتو،ايريگيشن عملو اطلاع باوجود ٽن ڪلاڪ دير سان پهتو،عملو دير سان پهچڻ تي ڳوٺاڻن ۽ ايريگيشن عملي وچ ۾ ڏند چڪ،مڇريل ڳوٺاڻن کي ڏسي ايريگيشن عملو موقعي تان کسڪي ويو،واڌوپاڻي چوڙ ڪرڻ ۽ شاهه مائنر جو اوور ٽاپ ڪري شاه مائينر کي آرڊي 12،15 ۽ 18 تان به گهاري پوڻ جا امڪان وڌي ويا،متاثر آبادگارن ايريگيشن عملي تي رشوت وٺي واڌو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جو الزام ڏيئي ڇڏيو،متاثر آبادگارن سيڊا ڊائريڪٽر ۽ ايس ڊي او ڏهرڪي کان مقرر عملي خلاف نوٽس وٺي ڪاروائي ڪري لکين روپين جو ٿيل فصل جي نقصان جو ازالو ڪرڻ جو مطالبو،ازالو نه ٿيڻ جي صورت ۾ آبادگارن سيڊا ڊائريڪٽر جي آفيس اڳيان احتجاج جوچتاءُ ڏيئي ڇڏيو،شاهه مائنر تي مقرر داروغو الهورايو مهر ۽ غلام نبي لغاري رات جو نرلي مائنر کي آرڊي 52 وٽ بند ڪري شاه مائينر ۾ پڇڙي جي آبادگارن کان رشوت وٺي واڌو پاڻي ڇوڙ ڪن ٿا جنهن سان شاهه مائنر کي هنڌان هنڌان ڪپر ڪمزور هجڻ ڪري گهارو پوي ٿو گذريل رات شاه مائنير ۾ واڌو پاڻي چوڙ ڪري آرڊي 10 وٽان 20 فٽ گهارو پيو جنهن سان اسان جو 30 ايڪڙن تي بيٺل ووئڻن جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي.










