ڪنڌڪوٽ (ن سنڌيار) ڪنڌڪوٽ جِي عدالت، چوري ٿيل موٽر سائيڪل جي واپسي لاءِ 30 هزار رپيا رشوت گهرڻ تي ٻن ايس ايچ اوز کي 2 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ٻڌڻي دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پوليس چوري ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرائڻ بدران رشوت طلب ڪئي، عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او غضفنر ڀٽو ۽ اڳوڻي ايس ايچ او الياس اوڍو کي 2 سال قيد جي سزا ٻڌائي.










