رشوت نه ڏيڻ تان پوليس جو تشدد، وارثن جو احتجاجي ڌرڻو

خانپورمهر)آفتاب سيال) گبول مارڪيٽ ۾ مبينا طور ڀتو گهرڻ تان خانپور مهر ٿاڻي جي ٻن پوليس اهلڪارن ربنواز مهر ۽ علي محمد سومرو خانپورمهر جي ڳوٺ نظر علي گڏاڻي جي رهواسي علي محمد گڏاڻي کي تشدد ڪري رتورت ڪري ڇڏيو جنهن خلاف زخمي نوجوان جي وارثن گڏاڻي برادري جي ماڻهن زخمي کي ساڻ ڪري خانپورمهر پريس ڪلب ٻاهران سجاد گڏاڻي، سرفراز گڏاڻي، اعجاز گڏاڻي،  عيسو گڏاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ ٽائرن کا باهيون ڏئي خانپورمهر شهر جا داخلي رستا بند ڪرڻ ڪري ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي.جڏهن ته ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو نوجوان علي محمد گڏاڻي شهر ۾ ڦٽيون وڪرو ڪري واپس ڳوٺ وڃي رهيو هيو ته رستي ۾ ٻنهي پوليس اهلڪارن کيس روڪي موٽر سائيڪل جي ڪاغذن جي پڇا ڪئي ۽ ٻه هزار روپيه رشوت طلب ڪئي جيڪا نه ڏيڻ تي اهلڪارن نوجوان تي لٺيون وسايون جنهن سبب اسان جو نوجوان زخمي ٿي پيو هنن جو مطالبو هيو ته جيسيتائين ٻنهي اهلڪارن کي هٽايو نه ويندو تيستائين ڌرڻو ختم نه ڪنداسين. هوڏانهن ڌرڻي واري هنڌ پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر جي پي اي برڪت مهر ۽ خانپورمهر ٿاڻي جي وڏي منشي سعيد شر پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو. هوڏانهن الزام هيٺ آيل اهلڪار ربنواز مهر جو چوڻ هيو ته اسان چيڪنگ ڪري رهيا هئاسين ان دوران نوجوان کان موٽر سائيڪل جا ڪاغذ پڇيا ته هن گلي کان پڪڙيو ۽ گارگند ڪئي ته جهيڙو ٿي پيو،ڀتو وٺڻ وارو الزام ڪوڙو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو