رسڪ الائونس ختم ڪرڻ جي خلاف پيرا ميڊيڪل عملي جو  احتجاج

رسڪ الائونس ختم ڪرڻ جي خلاف پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج

بدين (ن س) سنڌ حڪومت جي طرفان ھيلٿ کاتي جي ملازمن جو رسڪ الائونس ختم ڪرڻ جي خلاف پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ نرسز ايسوسيئيشن جي صدر رابرٽ خان پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جي مرڪزي اڳواڻ الھبچايو انڙ ضلع صدر الھڏنو پاڙھو جي اڳواڻي ۾ سول اسپتال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ھن موقعي تي اڳواڻن چيو ته رسڪ الائونس ملازمن جو بنيادي حق آھي جيڪو ملازمن لاء فورن بحال ڪيو وڃي ھنن چيو ته ھيلٿ کاتي جا ننڍا ملازم رات ڏينھن خدمت ڪن ٿا انھن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ افسوس ناڪ آھي ھنن چيو ته حڪومت رسڪ الائونس بحال نه ڪيو ته سڄي سنڌ م سخت احتجاج ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو