ڪراچي/ حيدرآباد (پ_ر) رسول بخش پليجو صاحب مظلوم قومن ۽ طبقن جو عظيم اڳواڻ. سندس ورسي جي جلسي عام ۾ ملڪ گير سياسي اڳواڻن ۽ شخصيتن کي دعوتون ڏيڻ جو سلسلو جاري. ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي پريس سيڪريٽري ڪاشف ملاح، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح ۽ علي محمد وڪي عوامي ورڪرس پارٽي جي وفاقي صدر ايڊووڪيٽ اختر حسين ۽ جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلهو سان پينوراما سينٽر ڪراچي ۾ عوامي ورڪرس پارٽي جي آفيس پهچي ساڻن ملاقات ڪري کيس قائد انقلاب محترم رسول بخش پليجي صاحب جي پنجين ورسي جي جلسي عام جي دعوت ڏني. ان موقعي تي اڳواڻن جي وچ ۾ ملڪ جي سياسي معاشي ۽ آئيني بحرانن تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ٿي. ٻي پاسي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي پريس سيڪريٽري ڪاشف ملاح، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح ۽ علي محمد وڪو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو ۽ سميع چانڊيو سان قاسم آباد ايس يو پي جي آفيس ۾ ملاقات ڪري کين رسول بخش پليجي صاحب جي ورسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. هوڏانهن سينيئر صحافي ۽ رسول بخش پليجي صاحب جي ساٿ جي ساٿي ذولفقار راڄپر سان عوامي تحريڪ جي مذڪوره وفد ڪراچي پريس ڪلب ۾ ملاقات ڪري کيس 7 جون تي رسول بخش پليجي صاحب جي جنگشاهي ۾ ٿيندڙ ورسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته سنڌي عوام جي وڪيل، سنڌو درياء جو ڪيس دنيا اڳيان رکي سنڌ جي پاڻيء تي ڌاڙا هڻندڙ پنجاب جي جاگيردارن کي سموري دنيا اڳيان وائکو ڪندڙ، سنڌ دشمن منصوبن خلاف ۽ سنڌ جي وجود جي بقاء لاء جهر جهنگ جهاڳيندڙ عوامي تحريڪ جي سربراه قائد انقلاب محترم رسول بخش پليجي صاحب جي ورسي ۾ سنڌ جي هزارين عورتن، ٻارڙن، ٻڍن، نوجوانن سان گڏ ملڪ گير سياسي اڳواڻ ۽ شخصيتون به شرڪت ڪنديون.










