پليجي جي ورسي، اجلاس، جلسي جي تيارين جو جائزو

پليجي جي ورسي، اجلاس، جلسي جي تيارين جو جائزو

حيدرآباد (پ_ر) رسول بخش پليجي صاحب جي ورسي جي تياري ڪميٽي جو اجلاس عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار جي صدارت ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس ڊي ٽين پليجو هائوس تي ٿي گذريو. جلسي عام جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنڊال ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش ٺاهي ويندي. سياسي اڳواڻن ۽ سماجي شخصيتن کي ڏنل دعوتن جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. رهيل اڳواڻن کي دعوتون ڏيڻ جي رٿابندي ڪئي وئي. پليجي صاحب جا ڪجھ اڻ ڇپيل ڪتاب ڇپرائي ورسي جي جلسي عام ۾ انهن جي مهورت ڪئي ويندي. اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ملڪ ٺهڻ کان وٺي بحرانن جي ور چڙهيل آهي. بحران فقط عوام لاء آهن، حڪمران سدائين عياشين ۾ آهن. پرڏيهي مالياتي ادارن وٽ ملڪ کي يرغمال بڻائي مهانگائي کي چوٽ چاڙهيو ويو آهي. حڪمرانن جي عوام دشمن پاليسين سبب غريب وڌيڪ نپوڙجي پيو، اميرن جي دولتن جي انبارن ۾ اضافو پيو ٿئي. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي مظلوم قومن ۽ پورهيت طبقي جي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي. جيستائين مظلوم قومون ۽ مظلوم طبقن جو موثر اتحاد قائم نٿو ٿئي، اوستائين سنڌي عوام جا مسئلا به حل نٿا ٿي سگهن. گلوبلائيزيشن جي ڪري اسين پوري دنيا سان ڳنڍجي چڪا آهيون. جڳ جهان ۾ ايندڙ تبديليون سنڌ جي صورتحال تي به اثر انداز ٿين پيون. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته قائد انقلاب محترم رسول بخش پليجي صاحب سنڌي عوام کي ملڪ ۽ جڳ جهان جي حق پرستن سان اتحاد ڪرڻ جا گس ڏنا آهن. پليجي صاحب کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ پوري ملڪ جا سياسي اڳواڻ، ادبي ۽ سماجي شخصيتون، پليجي صاحب جا ويجها دوست، صحافي، وڪيل، شاعر، قلمڪار ۽ سول سوسائٽي جا نمائنده شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمي، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ، عمراه سمون، ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ادريس لغاري ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو