رحيم يار خان ۾ پوليس مقابلي جو بشير شر مارجي ويو

رحيم يار خان ۾ پوليس مقابلي جو بشير شر مارجي ويو

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ)رحيم يار خان جي ڪچي ماڇي واري علائقي ۾ پوليس تي حملي جو مرڪزي جوابدار بشير شر مارجي ويو.پنجاب پوليس جي ترجمان موجب پوليس مقابلي ۾ جوابدار نصير ۽ گادي ڪوش عرف مينا سخت زخمي ٿي پيا.پنجاب پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليس تي حملي کانپوءِ ڪارروائين ۾ وڌيڪ 3 ڌاڙيل سخت زخمي ٿي پيا آهن، جنهن بعد انهن ڪاررواين ۾ زخمي ٿيل ڌاڙيلن جو انگ 5 ٿي ويو آهي.زخمين ۾ ثناءُ الله شر، گدا علي، ڪملو شر، رمضان شر ۽ گادي شامل آهن.ان حوالي سان آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري آهي.هن چيو ته پوليس تي حملي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو