رحيم يار خان ۾ ٽريفڪ حادثو، 3 ڄڻا اجل جو شڪار

رحيم يار خان ۾ ٽريفڪ حادثو، 3 ڄڻا اجل جو شڪار

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) موٽر وي ايم 5 تي انٽرچينج ويجهو تيز رفتار ڪار بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 عورتن ۽ نينگر سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.موٽر وي پوليس موجب حادثو تيز رفتاري ۽ غفلت سبب پيش آيو آهي. تيز رفتار ڪار ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. لاشن ۽ زخمين کي ريسڪيو جي مدد سان ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ 2 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ان حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي جو شڪار خاندان سکر کان موٽر وي ايم 5 رستي ملتان وڃي رهيو هو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو