اوٻاوڙو ( ن س ) مريدشاخ جي ويجھو 8 ڪلو ميٽر تي پنجاب جي شھر ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ عورت سميت پنج ڳوٺاڻا مارجي ويا آھن ٻئي پاسي پوليس مقابلي چار ھٿياربند مارجي ويا جڏھن ته ٽي پوليس اهلڪار به شھيد ٿي ويا آھن فائرنگ جو سلسلو جاري علائقي ڏھڪاءُ، وڌيڪ رتوڇاڻ جو خدشو ،،پنجاب جي شھر ماڇڪو ٿاڻي جي حد ڳوٺ حسين سولنگي ۾ هٿياربندن ڪمند جي فصل ۾ ڪم ڪندڙ چئن ڳوٺاڻن مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ چار ڳوٺاڻا شعبان سولنگي، پرويز سولنگي، حفيظ سولنگي،شھزادو سولنگي مارجي ويا ٻئي پاسي پوليس جي فائرنگ ۾ ٽي ڌاڙيل عمرو شر،رحم علي شر، لالو سيلرو ۽ ڪمون ڪوش مارجي ويا آهن جڏھن ته گھر اندر ڪم ڪندڙ عورت مسمات حميده سيلرو به گولين جو کاڄ بڻجي وئي ڌاڙيلن سان مھاڏو اٽڪائيندي ٽي پوليس اهلڪار به شھيد ٿي ويا جنھن ۾ قاسم، ارشاد ۽ اي پي سي ڊرائيور محمد سرور شامل آهن،، پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي فائرنگ جو سلسلو به جاري آهي ھوڏانھن پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي به واقعي جو نوٽيس وٺندي آرپي او کان رپورٽ طلب ڪري ورتو جڏھن ته شر گينگ جا ھٿياربند به ماڇڪو ڀرسان ڳوٺ حسين سولنگي ۾ پھچڻ جا به اطلاع آهن ھٿياربند جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ڳوٺاڻن ۾ قابل سولنگي پرويز سولنگي، شعبان سولنگي، حفيظ سولنگي مارجي ويا، ان سان گڏوگڏ سولنگي برادري جا ماڻھون بہ پنجاب سان گڏ واقعي واري هنڌ پھچي ويا ذريعن موجب ته ڪجھ وقت اڳ شر ۽ ڪوش برادري جا ماڻھون کنڀڙا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا ھئا تنھن جي مخبري جو الزام شر برادري جي ماڻهن سولنگي برادري مٿان مڙهيو ھو جنھن جي پلاند ۾ ھي قتل ڪيا ويا آهن پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پھتل آھي فائرنگ جو سلسلو به جاري آهي مجموعي طور مارجي ويلن جو انگ 12 ٿي ويو آهي ،لاشن کي سيول ھسپتال رحيميار خان منتقل ڪيو ويو آھي قتل ٿيل ڳوٺاڻا ۽ پوليس اھلڪارن جو نمازي جنازو سڀاڻي ادا ڪيو ويندو










