لاهور (ويب ڊيسڪ)آن لائن جوا ايپ کي فروغ ڏيڻ جي ڪيس ۾ يوٽيوبرز رجب بٽ ۽ نديم مبارڪ جي عبوري ضمانت ۾ 6 مارچ تائين واڌ ڪئي وئي آهي.لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ يوٽيوبرز رجب بٽ ۽ نديم مبارڪ ۽ ٽن ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت تي ٻڌڻي ٿي.ايڊيشنل سيشن جج منصور قريشي عبوري ضمانتن جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت جوابدار رجب بٽ ۽ نديم ناني والا جي عبوري ضمانت ۾ 6 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.










