راڻيپور( رپورٽ جاويد سولنگي ) راڻي پور ۽ ان جي آسپاس جي ڳوٺن علي آباد وساڻ، ڳوٺ سالاري سولنگي ، واطڻي وڏا، جمال خان سولنگي، حاجي لائق راڄپر سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ھرروز سج لھڻ کان پوءِ زھريلا واڏا مڇر نروار ٿين ٿا، ٻئي طرف شھر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ مڇرمار اسپري نہ ٿيڻ ڪري مليريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي. ڪيترائي مرد عورتون توڙي معصوم ٻار مليريا جھڙي موذي مرض ۾ وڪوڙجي ويا آهن شهر ۾ ڪافي وقت کان وٺي صحت کاتي پاران مڇر مار اسپري نہ ڪرائڻ ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو. ان ڏس ۾ سماجي اڳواڻن وحيد سولنگي، لعل بخش سھتو، استاد عبدالرشيد، سجاد حسين ۽ ٻين صحافين اڳيان سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو تہ گرمي جي موسم شروع ٿيندي ئي مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي. هنن ڊي سي خيرپور ۽ صحت جي ٻين اعلیٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي علائقي ۾ مڇرمار اسپري جلد کان جلد ڪرائي شھرين مان پريشاني ۽ بيچيني کي ختم ڪيو وڃي.
مشهور خبرون










