راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي دل جي تڪليف سبب اسپتال داخل ڪيو ويو.ذريعن موجب راڻا ثناءُ الله جا اسپتال ۾ مختلف ٽيسٽ ڪيا پيا وڃن. گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته راڻا ثناءُ الله معمول جي چيڪ اپ لاءِ اسپتال ويو آهي.ان حوالي سان سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته گهرو وزير راڻا ثناءُ الله معمول جي طبي معائني لاءِ ملٽري انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي (اي ايف آءِ سي) راولپنڊي ويو هو.سندس چوڻ هو ته سندس صحت بابت خدشن ۾ ڪا به سچائي ناهي، سندس 18 سال اڳ 2004ع ۾ دل جو آپريشن ٿيو هو ۽ هر ٻن کان ٽن سالن بعد چيڪ اپ ڪرائڻ ضروري آهي.سڌ سماءَ واري وزير چيو ته هن سال هن جو ڊاڪٽر ٻه ٽي ڀيرا معائنو ڪيو، اي ايف آءِ سي جي ڊاڪٽرن هڪ ننڍڙو پر ضروري عمل تجويز ڪيو هو، ان وقت کان هو ٺيڪ آهي ۽ سڀاڻي اسپتال مان گهر ايندو، انشاءَ الله.










