راڻا ثناءُ الله اصل مجرم ۽ قاتل آهي: ياسمين راشد

راڻا ثناءُ الله اصل مجرم ۽ قاتل آهي: ياسمين راشد

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد جو چوڻ آهي ته راڻا ثناءُ الله اصل ڏوهاري ۽ قاتل آهي، سندس خلاف ڪيس ضرور داخل ڪرائيندس. لاهور ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ياسمين راشد چيو ته اسان جهڙن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ۽ اسان خلاف دهشتگردي جا ڪاغذ جاري ڪيا ويا، عوام تي واضح ٿي ويو آهي ته اهي فاشسٽ آهن. هن چيو ته سندن ماضي به ساڳيو آهي ۽ مستقبل به ساڳيو آهي، ماڊل ٽائون سانحي جو به حساب وٺنداسين، 25 مئي تي هنن ڇا ڪيو هو. ياسمين راشد جو چوڻ آهي ته ٻارن، عورتن ۽ بزرگن تي ظلم ڪيو پيو وڃي، پوليس گاڏيون ٽوڙي رهي آهي، هي سوشل ميڊيا جو دور آهي، سڀني جا منهن سامهون آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ جو اهو به چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف پنهنجي زور تي ضمني اليڪشن کٽي.

پهنجو تبصرو موڪليو