جاتي (ن س) جاتي ويجهو راڄا ۽ ڀٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، عورتن سميت 12ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا،زمين جي مالڪي تان جهيڙي دوران ڌرين جو هڪٻئي تي لٺين ۽ ڪهاڙين جو وسڪارو لائي ڏنو، فائرنگ به ڪئي وئي،جهيڙي دوران اسلم راڄو مارجي ويو، عورتن سميت 12 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،زخمين ۾ عائشه ڀٽي، حاجان، حليمان ڀٽي، مجيد ڀٽي، اسلم ڀٽي، شير يونس، اقبال ڀٽي، خالق ڏنو راڄو ۽ ٻيا شامل آهن










