راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ تي اسپيل ويز کولڻ جو فيصلو

راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ تي اسپيل ويز کولڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ تي احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي اسپيل ويز کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته مون سون جي موسم ۾ راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ تي ڊيم جا اسپل ويز کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سندس چوڻ آهي ته احتياطي تدبيرون جاري ڪيون ويون آهن، راول ڊيم جا اسپل ويز اڄ منجهند 12 وڳي کوليا ويندا،ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته شهري احتياطي اپاءَ وٺن ۽ دريائن تي وڃڻ کان پاسو ڪن، دريائن ۽ پلن جي سخت نگراني جاري رهندي.ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته هيٺاهين وارن علائقن جا رهواسي احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين ۽ چوپايو مال بروقت محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي.هن چيو ته ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي قدمن جي تياري مڪمل آهي، شهري ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ فوري طور تي 16 تي رابطو ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو