راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي تعليمي بورڊ 26 آگسٽ تي چهلم امام حسين جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪندي سڄي ڊويزن ۾ امتحان ملتوي ڪري ڇڏيا. ان حوالي سان تعليمي بورڊ جو چوڻ آهي ته ڪيمسٽري، اسلامي تاريخ ۽ تدريسي جا امتحان موڪلن سبب ملتوي ڪيا ويا آهن.جنرل سائنس، ڪپڙا ۽ ٽيڪسٽائل گروپ جا امتحان به ملتوي ڪيا ويا آهن، ملتوي ٿيل امتحان 18 سيپٽمبر تي الاٽ ڪيل سينٽرن تي ورتا ويندا. راولپنڊي بورڊ جو چوڻ آهي ته اميدوارن کي نيون رول نمبر سلپس موڪليون وينديون.راولپنڊي جي امتحانن واري ڪنٽرولر جو چوڻ آهي ته ريگيولر اميدوارن جون نيون رول نمبر سلپس سندن پورٽل تي اپلوڊ ڪيون وينديون جڏهن ته پرائيويٽ اميدوارن جون رول نمبر سلپس بورڊ جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيون وينديون.ڪنٽرولر چيو ته اميدوار رول نمبر، آن لائن داخلا فارم نمبر يا بي فارم نمبر داخل ڪري ڊائون لوڊ ڪري سگهن ٿا.










