راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي ۾ پير وڍائي ٿاڻي جي حد فوجي ڪالوني ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ 3 ڌاڙيل مارجي ويا.پوليس موجب جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن بعد جوابدارن جي فائرنگ ۾ 3 جوابدار مارجي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي دوران 2 جوابدار فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي.پوليس موجب، پوليس ڍاڪا گينگ جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا هئا، جنهن تي جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني.










