راندين ۾ اسپورٽس مين اسپرٽ کي هٿي ڏياريندا آهن: ناصر شاهه

راندين ۾ اسپورٽس مين اسپرٽ کي هٿي ڏياريندا آهن: ناصر شاهه

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير مڪاني، ترقي ۽ پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ سنڌ سيد ناصر حسين شاهه رات بهادر آباد جي ڪوڪن گرائونڊ ۾ ڪراچي پيس ٽيب بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. اها ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ حيدر علي روڊ، بهادر آباد اوڀر ضلعي جي ڪوڪن گرائونڊ تي منعقد ٿي رهي آهي. ٽورنامينٽ ۾ ڪراچي جي 12 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. ان موقعي تي ميمبر صوبائي اسيمبلي سنڌ سيد ذوالفقار علي شاهه، سنڌ جي وڏي وزير جو خاص معاون اقبال ساند، سيڪريٽري مڪاني سنڌ نجم احمد شاهه، ايڊمسنٽريٽر ڊي ايم سي ايسٽ رحمت الله شيخ ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. ٽورنامينٽ، ايڊمنسٽريٽر ڊي ايم سي اوڀر ڪراچي، سنڌ پوليس ۽ پاڪستان رينجرز سنڌ جي سهڪار سان منعقد ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير مڪاني سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري روشنين جي شهر ڪراچي جون روشنيون ۽ رونقيون بحال ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، نوجوانن جي تعليم ۽ ذهني ۽ جسماني صحت جي شعبن کي خاص اهميت ڏيندا آهن . هن چيو ته سنڌ حـڪومت چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن جي مطابق راندين ۽ ٻين مثبت سرگرمين کي هٿي ڏيارڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيا آهيون. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته راندين ۾ اسپورٽس مين اسپرٽ کي هٿي ڏيندا آهن ۽ اسپورٽس مين اسپرٽ اڄڪلهه گهٽ ٿي رهي آهي پر اسان پر اميد آهيون ته راندين جي منعقد ۽ هٿي ڏيارڻ سان اسپورٽس مين اسپرٽ کي پڻ هٿي ملندي. ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي افتتاح جي موقعي تي ايڊمنسٽريٽر مڪاني ضلعو اوڀر ڪراچي رحمت الله شيخ، سنڌ پوليس ۽ پاڪستان رينجرز سنڌ جي اعليٰ آفيسرن کان علاوه ميڊي ڪيم گروپ جي خرم احمد نيني تال، محترمه اسماء علي شاهه ۽ ٻين معروف شخصيتون جنهن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان، اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر اعجاز فقيهه، جي ڊي سي جي ظفر عباس، ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جا نمائندا، علاقي جا سياسي ۽ سماجي رهنمائن، ميڊيا جي نمائندن ۽ علائقي جي نوجوانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو