رانا ثناءُ الله جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُ الله جي لاهور هاءِ ڪورٽ منشيات ڪيس ۾ 10، 10 لک جا ٻه مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. جسٽس چوڌري اشفاق محفوظ ڪيل فيصلو اڱاري تي ٻڌايو. ياد رهي ته رانا ثناءُ الله کي فيصل آباد مان لاهور ويندي 2 جولاءِ تي موٽر وي تان اينٽي نارڪوٽڪس فورس گرفتار ڪيو هو ۽ هن وٽان 15 ڪلوگرام هيروئن ۽ وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. رانا ثناءُ الله جي گهرواري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 6 مهينن جو حساب ڪير ڏيندو، عمران خان توکي ڪلمي جي مار پوندي ۽ حساب ڏيڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو