رانا ثناءُالله آزاد، فيصلو چيلينج ڪنداسين، حڪومت

لاهور (بيورو رپورٽ) منشيات ڪيس ۾ گرفتار پنجاب جو اڳوڻو قانون جو وزير رانا ثناءُالله کي ضمانت تي جيل ۾ آزاد ڪيو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ 2 ڏينهن اڳ رانا ثناءُالله جي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي اڄ تفصيلي فيصلو به جاري ڪيو آهي. رانا ثناءُ الله طرفان مچلڪا جمع ڪرڻ بعد ليگي اڳواڻ کي لاهور جي ڪيمپ جيل کان آزاد ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ميمبر قومي اسيمبلي رانا ثناءُالله جي ضمانت متعلق تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو. پنجاب جي اڳوڻي قانون واري وزير رانا ثناءُالله جي ضمانت واري درخواست جو فيصلو 9 صفحن تي مشتمل آهي جنهن کي جسٽس چوڌري مشتاق احمد جاري ڪيو آهي. تفصيلي فيصلي ۾ عدالت چيو آهي ته سندس جسماني رمانڊ نه وٺڻ ۽ تفصيلي تحقيقات نه ڪرڻ مان لڳي ٿو ته تفتيش ڪارن کي ان ڪيس ۾ دلچسپي نه هئي ۽ سياسي انتقام جي پهلو کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.لکيو ويو آهي ته رانا ثناءُالله جي ٽرائل ڪورٽ ۾ ضمانت ٿي چڪي آهي ۽ ملزم جي منظور ٿيندڙ ضمانت کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ناهي ڪيو ويو. فيصلي ۾ اهو به لکيو ويو آهي ته رانا ثناءُالله تي 15 ڪلو هيروئن رکڻ جو ڪيس بڻايو ويو پر ان جو جسماني رمانڊ نه ورتو ويو. جوابدارجي 10، 10 لک رپين جي ٻن ضمانتي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي وئي آهي. انساني منشيات ڪورٽ لاهور ۾ مچلڪا جمع ٿيڻ کانپوءِ رانا ثناءُالله جي اڄ آزادي ممڪن آهي. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ منشيات رکڻ جي ڪيس ۾ گرفتار پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير قانون پنجاب رانا ثناءُالله جي ضمانت منظور ڪئي هئي. گذريل ڏينهن وزير مملڪت انسداد منشيات شهريار آفريدي هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪئي آهي ته هن سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي ۽ رانا ثناءُالله جي ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائيندو. شهريار آفريدي جو اهو به چوڻ هو ته عدالت جو تفصيلي فيصلو سامهون اچڻ کان پوءِ ايندڙ حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي ويندي. هوڏانهن ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصلي کي چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته ائين ٿو لڳي ته عدالتون به ميڊيا ۾ لڳندڙ عدالتن جي فيصلن کي فالو ڪري رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو