ڊرگهه بالا (ن سنڌيار)ڊرگهه بالا لڳ ڳوٺ سيوو جمالي جي رھواسين عبدالخالق جمالي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي ملوڪ جويو اڪبر جويو چنيسر جويو قربان عزيزالله جمالي ,نصرالله جمالي معصوم ٻارڙن ۽ عورتن ٻڌايو ته ڪاڇي۾بوڏ ۽ برساتن سبب اسان جا گھر پاڻي ۾ لڙهي ويا اناج ۽ ٻيو سامان نئين سول کڻي وئي آهي جڏهن ته اسان کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھيون ھن وقت ڪاڇي جا روڊ رستا بند آھن کاڌي پيتي جي شين کوٽ آھي چونڊيل نمائندن۽ ڊي سي دادو ھن وقت تائين اسان جي سار نه لڌي آهي انھن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جا معصوم ٻارڙا بک سبب دانھون ڪندا رھن ٿا ڪيترائي ڏينهن گذري ويا ٻوڏ کي پر اسان جي ڪنهن به مدد نه ڪئي آهي جڏهن ته ھن وقت اسان ھڪ وقت جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان بڻيل آھيون انھن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان وس وارن کان آپيل ٿا ڪيون ته اسان جي فوري طور مدد ڪئي وڃي آخر ۾ انھن بلاول ڀٽو زرداري وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه ايم اين اي دادو رفيق احمد جمالي اي ايم پي سيد صالح شاھ جيلاني ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته اسان کي فورن راشن۽ ٽينٽ فراهم ڪيا وڃن۽ اسان جي ڳوٺ سيوو جمالي جي سروي ڪرائي وڃي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي










