اٽڪ(ويب ڊيسڪ)جڊيشل مئجسٽريٽ شيخ رشيد جي ڀائٽي شيخ راشد شفيق کي ٻن هفتن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي پوليس شيخ راشد شفيق کي اٽڪ جي ڊيوٽي جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت پوليس کان پڇاڻو ڪيو ته شيخ راشد شفيق جو موبائل فون ڇو نه هٿ ڪيو ويو؟ پوليس موقف اختيار ڪيو ته سندس موبائل فون سعودي عرب ۾ رهجي ويو. عالت چيو ته فون ڳولي عدالت ۾ پيش ڪريو. ياد رهي ته شهباز شريف جي عمري ادا ڪرڻ وقت راشد شفيق به مسجد نبوي ۾ هو چور چور جا نعرا هڻايا هئا. جنهن بعد وطن پهچڻ تي هوائي اڏي تان 30 اپريل تي کيس گرفتار ڪيو ويو هو.










