لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور جي احتساب عدالت گوجرانوالا اليڪٽرڪ پاور ڪمپني گيپڪو ۾ غير قانوني ڀرتين جي ڪيس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف سميت 8 جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت ۾ جج امجد نذير چوڌري راجا پرويز اشرف جي آزادي واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ راجا پرويز اشرف پاڻ پيش ٿيو. واضح رهي ته قومي احتساب بيورو گوجرانوالا اليڪٽرڪ پاور ڪمپني ۾ غير قانوني ڀرتين متعلق ڪرپشن رفرنس ۾ راجا پرويز اشرف سميت 8 جوابدارن کي نامزد ڪيو هو. راجا پرويز اشرف اهڙي درخواست نيب قانون ۾ ترميم بعد داخل ڪرائي هئي. ڄاڻايل درخواست جي ٻڌڻي دوران نيب پراسڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته راجا پرويز اشرف اهڙن ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون جنهن درخواستون به نه ڏنيون هيون. هن چيو ته ان معاملي ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وئي ۽ نااهل ماڻهن کي سياسي بنيادن تي نوازيو ويو تحريري امتحان ۽ ڊوميسائل جي پاليسي جي خلاف ورزي ڪئي وئي. نيب پراسڪيوٽر مطابق راجا پرويز اشرف 437 ماڻهن کي غير قانوني طور ڀرتي ڪرڻ جو الزام هيو. عدالت درخواست تي نيب پراسڪيوٽر جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ راجا پرويز مشرف جي حق ۾ فيصلو ٻڌايو ۽ ان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. واضح رهي ته اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف کان علاوهه اڳوڻو ايم ڊي پاڪستان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني طاهر بشارت چيما، اڳوڻو سيڪريٽري وزارت پاڻي ۽ بجلي شاهد رفيع، اڳوڻو ڊائريڪٽرز بورڊ آف گورنر محمد سليم عارف، ملڪ محمد رضي عباس ۽ وزير علي ڀيو به ملزمن ۾ شامل هيا. ان کان علاوه اڳوڻو سي اي او محمد ابراهيم ۽ اڳوڻو ڊائريڪٽڙ ايڇ آر حشمت علي ڪاظمي به ڪرپشن ريفرنس ۾ ملزم آهن.










