” رات خاموشيءَ سان گذري ويندي: ياسمين راشد ۽ غلام محمود جي آڊيو ليڪ

” رات خاموشيءَ سان گذري ويندي: ياسمين راشد ۽ غلام محمود جي آڊيو ليڪ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ياسمين راشد ۽ سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر جي مبينا آڊيو سامهون آئي آهي.مبينا آڊيو ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد، غلام محمود ڊوگر کي فون تي چئي رهي آهي ته سٺي خبر ٻڌايو، آرڊر ٿي ويا آهن؟جنهن تي غلام محمود ڊوگر جواب ڏيندي چوي ٿو ته اڃا تائين آرڊر ناهن مليا، ياسمين راشد چيو ته انهن جو ارادو ڇا آهي، ائين پڇي رهي آهيان.غلام محمود ڊوگر جو چوڻ آهي ته اُهي آرڊر سپريم ڪورٽ ڏيندي، جيئن ئي ٿيندا، ملي ويندا، اتي اسان جا ماڻهو ويٺا آهن.ياسمين راشد چيو ته ان معاملي تي خان صاحب گهڻو ڪنسرن هو انڪري، جنهن تي غلام محمود چيو ته ٺيڪ آهي.ياسمين راشد چيو ته منهنجي خبر مطابق آرڊر ناهن مليا اڃا تائين، ان تي غلام محمود ڊوگر چيو ته جي اڃا تائين ناهن مليا، اُهي رات تائين اچي ويندا، رات جي وقت ۾ ڊاڪ سائن ٿي اچي ويندي آهي.ياسمين راشد ٽهڪ ڏيندي چيو ته اسان جي رات اڄ خاموشيءَ سان گذري ويندي، مان ائين ئي پڇي رهي آهيان، جنهن تي غلام محمود ڊوگر چيو ته الله خير ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو