رات جو بجلي پيدا ڪندڙ سولر پينل جي تياري

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن مختلف تجربن بعد رات جي وقت به سولر پينل مان بجلي پيدا ڪرڻ جو طريقو ڳولي ورتو آهي. آمريڪا جي ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي اليڪٽريڪل ۽ ڪمپيوٽر انجنيئر جرمي منڊي  جو چوڻ آهي ته سندن ڪيل تجربي موجب سولر پينل جيتري ڏينهن جي روشني م بجلي پيدا ڪري ٿو رات جي وقت ان جي چوٿين حصي برابر فوٽو وولٽيڪ سيل بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو. هن جو چوڻ آهي ته اسانکي سولر پينل اهڙو ڊزائن ڪرڻو پوندو جنهن سان ڪجهه وقت اندر رات جو بجلي پيدا ٿي سگهندي. ان لاءِ خصوصي فوٽو وولٽيڪ سيل تيار ڪرڻو پوندو جنهن ۾ ٿرمو ريڊيئيٽوسيل Thermoradiative cell شامل ڪرڻو پوندو. هن قسم جو سيل اڳ ۾ ئي ڪچري کي ساڙي بجلي پيدا ڪرڻ واري مينوفيڪچرنگ سيڪٽر ۾ استعمال ٿي رهيو آهي. جيڪو گرمائش تي ڪم ڪري ٿو. سولر پينل ۾ هي سيل لڳائي ان کي مصنوعي گرمائش ڏئي آسمان ڏانهن منهن ڪرائجي ته رات جو به بجلي پيدا ڪندو. سندس چوڻ آهي ته دنيا ۾ ٿوري عرصي اندر ان جو استعمال عام ڳالهه بڻجي ويندي. ان ڏس ۾ آمريڪا جي اسٽينفورڊ يونيورسٽي ۾ به تحقيق هلي رهي آهي.

رات جو بجلي پيدا ڪندڙ سولر پينل جي تياري” هڪ تبصرو

پهنجو تبصرو موڪليو