ذوالفقار ڀٽو جي ورسي تي ٻيهر عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو

ذوالفقار ڀٽو جي ورسي تي ٻيهر عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهبازشريف چيو اهي ته ذوالفقارعلي ڀٽو جي ورسي تي هڪ دفعو ٻيهر عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي ذوالفقارعلي ڀٽو جي قتل تي صدارتي ريفرنس تي عمل ٿيڻ گهرجي ۽ فل ڪورت تي ويهي هي فيصلو ڪرڻ گهرجي اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته شهيد ڀٽو جي حوالي سان سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته هي هڪ عدالتي قتل هو فيصلو ڪندڙن ۾ هڪ جج بعد ۾ پنهنجي يادداشتن ۾ به ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو وزيراعظم چيو ته ذوالفقارعلي ڀتو آئين جي بانين مان هو ۽ هي بذات خود ملڪ جي تاريخي خدمت هئي جنهن کي ياد رکيو ويندو وزيراعظم چيو ته هي ڪهڙو تاريخ جو جبر آهي جو اڄ 4 اپريل آهي ۽ شهيد ڀٽو جو جڊيشل مرڊر هنئي تاريخ تي ٿيو وزيراعظم چيو ته اڄ ئي اليڪشن جي حوالي سانهڪ دفعو ٻيهر 4 اپريل تي عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو