دڪي (ويب ڊيسڪ)دڪي ۾ ڪوئلي جي مائن تي حملي کانپوءِ سڄي ضلعي ۾ ڪوئلي جي فراهمي معطل آهي.ليبر ايسوسيئيشن موجب عدم تحفظ سبب 40 هزار کان وڌيڪ مزدور پنهنجي اباڻي علائقن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن، ضلعي جي 1200 کان وڌيڪ ڪوئلي جي کاڻن ۾ 50 هزار غير مقامي مزدور ڪم ڪري رهيا آهن.ايسوسيئيشن موجب سنڌ، پنجاب ۽ ٻين شهرن ۾ روزانو 150 ٽرڪ ڪوئلي جي سپلاءِ ڪندا هئا، ڪوئلي جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب ملڪ ۾ صنعتي پيداوار به متاثر ٿي رهي آهي.ايسوسيئيشن موجب بلوچستان ۾ 2600 ڪوئلي جي مائنز ۾ 80 هزار مزدور ڪم ڪن ٿا، صوبي ۾ ڪوئلي جي ذخيرن جو حجم 25 ملين ٽن کان وڌيڪ آهي.انجمن جو چوڻ آهي ته هڪ هفتو اڳ دهشتگرديءَ ۾ مارجي ويل 21 ڄڻن کي اڃا تائين معاوضو نه مليو آهي، بلوچستان حڪومت هڪ لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.تنظيم جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن مان 6 جو تعلق افغانستان سان آهي.










