دڙو(امداد ميمڻ) 11سالن جو هڪ ٻيو کتابي ڪمال ولد منٺار پنهور گم ٿي ويو، نينگر کي ورغلائي وٺي ويندڙ ڪيرم بورڊ ھلائيندڙ نوجوان نادر ڀٽي خلاف دڙو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. دڙو ۾ 15 ڏينھن دوُران 2 ٻارڙا گم ۽ 2 معصوم نينگرين سان زبردستي جنسي زيادتين جي واقعن سميت 4 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. جنھن کانپوء دڙو پوليس جي اٽالن جديد انفارميشن ٽيڪنالوجي جي مدد سان جاتي ۽ ڇڇ جھان وارن علائقن ۾ ڇاپا ھنيا پر آخري اطلاع تائين مدرسي ۾ پڙھندڙ کتابي نينگر جو ڪوبه ڏس پتو نه ملي سگھيو آھي. ھوڏانھن دڙو ۽ آسپاس جي مختلف علائقن ۾ نامعلوم وحشي جوابدارن طرفان گذريل 15 ڏينھن دوُران شھر مان 17 سالن نوجوان عقيل ميمڻ, قرآن جي تعليم حاصل ڪندڙ 11 سالن جي ڪمال پنھور جي مبينا اغوا ۽ وارڊ پھرئين جي رھندڙ 5 سالن جي مععصوم ٻارڙي ڪومل شيخ ۽ وارڊ 2 جي رھندڙ 8 سالن جي ھندو نياڻي مسڪان سان زبردستي جنسي زيادتي ٿيڻ جي ڪوشش سميت مجموعي طور 4 انسانيت کي لڄائيندڙ واقعا رونما ٿيڻ بعد خوف ۽ حراس واري صورتحال ڇانيل آھي. رابطو ڪرڻ تي دڙو پوليس جي ايس ايڇ او آفتاب جاگيراڻي ٻڌايو ته نينگر ڪمال پنھور کي جلد ھٿ ڪيو ويندو. دڙو جي مختلف سڄاڻ حلقن, واپارين, شھرين ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن نظير احمد سومرو, غياث ميمڻ, اعجاز اختر ميمڻ, گل محمد شاھ, علي رضا ڪڇي, اقبال سومرو ۽ ٻين شھر ۾ ٻارن جي گم شدگين ۽ معصوم نياڻين سان جنسي حراسمينٽ جي واقعن تي سخت تشويش جو اظھار ڪندي سجاول ضلعي جي انتظاميا کان گھر ڪئي آھي ته انسانيت وارداتن کي روڪڻ لاء فوري طور تي قدم کنيا وڃن.










